سچل جو پيغام

سچل جو پيغام

سچل جو پيغام

سچل جو پيغام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. مصنف ڪتاب ۾ سچل سرمست جي حالات زندگيءَ سميت ڪلام جو گھڻ رخو مطالعو پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ پنهنجي پاران جو نوٽ قمر ميمڻ لکيو آهي، پيش لفظ سچل سرمست جي سجاده نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقيءَ لکيو آهي. ڪتاب کي 15 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: (1) سچل سرمست جو گھراڻو (2) سچل سـرمسـت جي سوانح، (3) تاريخي پس منظر، (4) علمي ۽ ادبي ماحول، (5) مختـلــف ٻـوليــن ۾ شـعـر، (6) فـنــي خوبيــون، (7) سچل جي شعر جـو لـسـاني جـائــزو، (8) سچـل جـي شـعـر جـو مجموعي فـڪــري جـائـزو، (9) وحدت ناما، (10) ذڪر ۽ فڪر، (11) سچل جو نعتيه ڪلام، (12) سچل سرمست ۽ پاڻ سڃاڻڻ وارو نظريو، (13) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ مستيءَ جو مفهوم، (14) سارنگ ۽ (15) سورميون- عنوان شامل آهن. ڪتاب ۾ سچل جي گھراڻي جي بزرگن، همعصر شاعرن، صوفين، کانئن پوءِ وارن صوفين سالڪن ۽ سندن چيل مختلف ٻولين واري ڪلام جو اڀياس به ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 242 صفحن تي مشتمل رنگين جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 64 روپيا آهي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻي در، شڪارپور 1995ع ۾ شايع ڪيو، جڏهن ته ٽيون ڇاپو نومبر 2004ع ۽ چوٿون ڇاپو جنوري 2012ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو